Pakistan Khappay starts Blog Section on http://pakistankhappay.blogspot.com/. You can submit your blog at the 'pakistankhappay47@gmail.com' Show your writing skill among all over the world through the 'Pakistan Khappay's Portal'

Pages

Thursday, December 16, 2010

Zulfiqar Mirza's statement is conspiracy of ethnic riots : Sindhi Leader


گهرو وزير جو بيان لساني فساد جي سازش آهي: جلال شاهه

ڪراچي (پ ر): سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي سربراهه سيد جلال محمود شاهه پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته سنڌ جي گهرو وزير ڪراچي ۾ واپارين کي خطاب دوران  غير ذميواراڻو بيان ڏئي هڪ طرف سنڌي قوم جي همدردي حاصل ڪرڻ چاهي، ٻئي طرف سنڌ ۾پيپلز پارٽي جي وڃايل ساک کي برقرار رکڻ لاءِ سنڌ ۾ نئون لساني فساد ڪرائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. جڏهن ته سنڌ جا ماڻهو وزير موصوف جا ٻوڏ دوران هنيل ٺڪاءَ وساري نه سگهيا آهن. هن چيو ته سنڌ ۾ لاقانونيت، ڪرپشن ۽ غنڊاگردي جا ذميوار ڪير آهن اهو سنڌ جا ماڻهو چڱي طرح سمجهن ٿا. صوبائي وزير ڪڏهن قوم پرستن کي گاريون ڏيندو رهي ٿو ته ڪڏهن وري اهڙي قسم جا بيان ڏئي قوم جي سستي شهرت وٺڻ جي ناڪام ڪوشش ڪندو رهي ٿو. عوام ۽ سنڌ جي مستقل رهندڙ آبادين کي اپيل ڪئي آهي ته سنڌ جو گهرو وزير سنڌ جو ليڊر ناهي تنهن ڪري سنڌ اندر ڪنهن به اهڙي ٿيندڙ سازش کي بي بنياد سمجهيو وڃي.

No comments:

Post a Comment